بينسر بئنسر

بَينسَر/ بَـئنسر: عورتن لاءِ نڪ ۾ پائڻ جو هڪ زيور، جيڪو سون مان ٺاهيو ويندو آهي ۽ سرندي وارن ماڻهن جون عورتون پائينديون آهن. هي نٿ جي سڌريل صورت آهي. لوڪ شاعريءَ ۾ ڳيچن، سَهرن ۽ سينگار جي بيتن ۾ بينسر جو ذڪر اچي ٿو. بينسر گهڻو ڪري نهري ٿئي ۽ منجهس ڇَٽا جڙاءَ تي ٿئي. جهانءِ، سونن پلڙن ۽ ننڍڙين ڇمڪين جي ٿئي. هڪ سهري جو بند آهي:
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻايان، مينا مڙهايان
مان ته مينا مڙهايان!


هن صفحي کي شيئر ڪريو